زيادتي ڪندڙن کي سخت سزا ملڻ گهرجي: سنٿيا رچي

اسلام آباد (م ڊ ) آمريڪي عورت سنٿيا رچي چيو آهي ته عورتن سان زيادتي ڪندڙن کي قانون موجب سخت سزا ملڻ گهرجي، رحمان ملڪ  خلاف ايف بي آءِ ۽ آمريڪي ايمبيسي کي آگاهه ڪيو هو، اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، سنٿيا رچي جو وڌيڪ چوڻ هو ته جنهن ڏينهن واقعو ٿيو ان ڏينهن شڪايت درج ڪرائي هئي، سپريم ڪورٽ انصاف لاءِ آيا آهيون، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عورتن جي تحفظ کي يقيني بڻائين، عورتن سان زيادتي ڪندڙن کي قانون موجب سخت سزا ملڻ گهرجي، اها غلط فهمي آهي ته آئون ايترا سال خاموش هيس، رحمان ملڪ خلاف ايف بي آءِ ۽ آمريڪي ايمبيسي کي آگاهه ڪيو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.