حيدر آباد۾ کدڙن جي قتل وارن وڌندڙ واقعن خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) وومين ايڪٽو فائونڊيشن جي سڏ تي حيدرآباد جي ٽرانس جينڊر سوسائٽي ٽين جنس جي ماڻهن پاران کدڙن جي ناحق قتل واري وڌندڙ واقعن خلاف نازش فاطمه، ثناءَ خان، ميڊم انجم، علي شاهه ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي وومين ايڪٽو فورم جي اڳواڻ نازش فاطمه چيو ته ملڪ ۾ ٽين جنس جي ماڻهن سان ناانصافيون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن. ڪي پي ڪي، پنجاب سميت ٻين صوبن ۽ شهرن ۾ ٽين جنس جي ماڻهن کي ناحق قتل ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب کدڙا برادري عدم تحفظ جو شڪار آهي. کين برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.