ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر جون 4 سرڪاري ڊسپينسريون سماجي تنظيم حوالي

ڪراچي( رپورٽر)سنڌ سرڪار ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر  جون چار سرڪاري ڊسپينسريون سماجي تنظيم هيلپ حوالي ڪري ڇڏيون، صحت کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي ۽ سماجي تنظيم جي سربراه ڊاڪٽر ڊي ايس اڪرم پاران معاهدي تي صحيح ڪئي وئي، جنهن بعد ڳوٺ گل محمد رند، ڇڇي جوڻيجا ۽ سنڌين جي وانڍئي سميت چار غير فعال بڻيل سرڪار ڊسپينسريون فعال بنائڻ جي ذميواري سماجي تنظيم حوالي ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، هيلپ جي  ڊاڪٽر ياسمين حنيف، ڊاڪٽر مهوش ۽ رضوان سميت ٻيا به موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.