بحرين به اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪري ڇڏيا

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن کانپوءِ هڪ ٻئي عرب ملڪ بحرين به اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪري ڇڏيا.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اسرائيل ۽ بحران وچ ۾ ٿيندڙ ان تاريخي معاهدي جي حوالي سان ٻڌايو.

ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اڄ هڪ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، اسان جي ٻن عظيم دوستن اسرائيل ۽ بحرين امن معاهدي تي اتفاق ڪيو آهي، گذريل 30 ڏينهن ۾ اسرائيل سان امن معاهدو ڪندڙ بحرين ٻيو عرب ملڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.