آرمي چيف سان آمريڪي سينٽ ڪام ڪمانڊر جي ملاقات

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي سينٽ ڪام ڪمانڊر جنرل ڪينٿ ميڪنزي ملاقات ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران ٻنهي ڪمانڊرن جيو اسٽريٽجڪ صورتحال، علائقائي سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته آرمي چيف ۽ آمريڪي سينٽ ڪام ڪمانڊر وچ ۾ ملاقات دوران پاڪ آمريڪا فوجي سهڪار، افغان امن عمل ۽ ڪشمير جي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.