ڇا انهن کي ڪو شرم حيا ناهي؟ نيلم منير عثمان بوزدار تي ڏمرجي پئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا نيلم منير جنسي زيادتي ڪيسن ۾ عدالتن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي عدالتي سڌارن جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

من موهڻي اداڪارا نيلم منير انسٽاگرام تي هڪ تصوير جاري ڪئي، جنهن ۾ هڪ عورت معاشري جي حيوانن هٿان هوس جو نشانو بڻجندي نظر اچي رهي آهي.

تصوير جي ڪيپشن ۾ اداڪارا لکيو ته معاشري ۾ موجود جوابدار ۽ زاني اڄ به ائين بنا خوف اهڙي قسم جا ڏوهه ڪندا رهن ٿا، ڄڻ انهن کي ڇوٽ حاصل هجي.

نيلم منير مطالبو ڪيو ته اسان جي ملڪ ۾ عدالتي سڌارن جي ضرورت آهي، جنهن جو وزيراعظم واعدو به ڪيو هو پر اڃا تائين ڪجهه ناهي ڪيو ويو.

هن سي سي پي او لاهور عمر شيخ جي بيان تي به سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته معاملي ۾ عورت کي ذميوار قرار ڏيڻ سان منهنجو رت سڙي رهيو آهي، ڇو ته اهڙي قسم جا بيان رڳو ڪو بيمار ذهنيت رکندڙ شخص ئي ڏئي سگهي ٿي، افسوس جو مقام اهو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير چئي رهيو آهي عمر شيخ کي وقت ڏيڻ گهرجي ته جيئن معاملا بهتر ٿي سگهن، اهي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن، ڇا انهن کي ڪو شرم حيا ناهي؟ الله پاڪ اسان تي رحم فرمائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.