جاويد هاشمي موٽر وي واقعي تي عمران خان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ سينيئر سياستدان جاويد هاشمي موٽر وي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته ڪلثوم نواز هڪ فرد جو نالو ناهي پر ان پرويز مشرف کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو.

هن وڌيڪ چيو ته موٽر وي واقعي جي مذمت ڪيان ٿو، عمران خان کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

ان کان اڳ واقعي تي ردعمل ڏيندي جاويد هاشمي چيو هو ته خدا جي وسندي ۾ حيوانن انسانيت کي به لڄي ڪري ڇڏيو، موٽر وي واقعي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ انهن حيوانن کي عبرت جو نشانو بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي، اسان کي متاثر عورت لاءِ انصاف گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.