موٽر وي واقعي تي سڄي انسانيت لَڄي ٿي وئي آهي: نواز شريف

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف موٽر وي تي عورت سان لڄالٽ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان جي عزتدار ڌيءُ ۽ ان جي جگر جي ٽڪرن سان اها قيادت دل پروڻ ڪري وئي آهي.

هن چيو پاڪستان جي آبرو جو تقاضو آهي ته جوابدار جلد گرفتار ٿين ۽ کين سخت ترين سزائون ملن، ان واقعي سان سڄي انسانيت لَڄي ٿي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته حقيقت ۾ اهو معاشري ۽ سڄي رياست جي بي حرمتي جو سانحو آهي، انصاف ٿيڻ تائين سڄو حڪومتي نظام معصوم ٻارن ۽ بي ڏوهه ماءُ سامهون ڏوهي رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.