وفاقي حڪومت جي انڪوائري ڪميشن سبب ڪي فور منصوبو دير جو شڪار ٿيو: مراد علي شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي وزير اسد عمر جي خط جو جواب ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي قائم ڪيل انڪوائري ڪميشن سبب ڪي فور منصوبو دير جو شڪار ٿيو.

سيد مراد علي شاهه، اسد عمر جي 9 سيپٽمبر واري خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪي فور منصوبي تي انڪوائري ڪميشن قائم ڪئي هئي، جنهن ڪي فور بابت سنڌ حڪومت کان تفصيل حاصل ڪيا، ان ڪميشن ذميوارن خلاف ڪارروائي جي تجويز ڏني.

وڏي وزير موجب انڪوائري ڪميشن سبب به منصوبو دير جو شڪار ٿيو، ٻنهي حڪومتن طئي ڪيو هو ته ڪي فور منصوبو وفاقي حڪومت مڪمل ڪندي، تنهن ڪري پاڻي فراهمي جي ميگا منصوبي تي جلد ڪم لاءِ قدم کنيا وڃن.

خط ۾ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ منصوبو بنا دير مڪمل ڪرڻ جي خواهشمند آهي، نيسپاڪ رپورٽ ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي رپورٽ ۾ ٻڌايل نقص ختم ڪيا وڃن، ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي خاطر گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.