نوابشاهه: محمدي ٽائون جي رھواسي پاران والده جي گمشدگي خلاف احتجاج

نوابشاهه جي علائقي محمدي ٽائون جي رھواسي علي نواز خاصخيلي پنھنجي چاچي نياز حسين، غلام حسين ۽ مسمات زيب النساء سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيو آھي ته سندس والدهُ مسمات سڪينه خاصخيلي 14 ڏينھن اڳ مائٽن ڏانهن وڃڻ جو چئي گھران نڪري وئي آھي جيڪا اڃان تائين واپس نه  آئي آهي ، ھن چيو ته انهن  مائٽن وٽ به ڳولا ڪئي آهي پر سندس ڪوبه ڏس پتو نٿو ملي، ھنن چيو ته هو  تمام گھڻا پريشان آهن ،هنن حد جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي ليڪن پوليس به انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي،  سندن چوڻ هو ته کين شڪ آھي ته کيس اغوا ڪيو ويو آھي، ھن ڊي آئي جي، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته انهن جي والده جي ڳولها ۾ انهن جي مدد ڪئي وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.