سنڌ ۾ شاگردن کي 10 مهينن جو ڪورس 6 مهينن ۾ مڪمل ڪرايو ويندو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي اسڪول ۽ ڪاليج جو 10 مهينن جو ڪورس 6 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو طريقي ڪار تيار ڪري ورتو.

سيڪريٽري تعليم موجب يارهين ۽ ٻارهين درجي ۾ شاگردن کي سائنس، رياض ۽ انگريزي جو 30 سيڪڙو ڪورس پڙهايو ويندو، جڏهن ته نائين، ڏهين جي شاگردن کي سائنس، رياضي، سنڌي ۽ انگريزي جو 40 سيڪڙو ڪورس پڙهايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته ڇهين کان اٺين درجي جي شاگردن کي سائنس، رياضي ۽ انگريزي جو 50 سيڪڙو، پهرين کان پنجين جي شاگردن کي لٽريسي، رياضي ۽ جنرل ناليج جو 30 سيڪڙو ڪورس پڙهايو ويندو.

2021 ۾ تعليمي سيشن مئي کان شروع ڪيو ويندو ۽ سيڪريٽري تعليم جي سفارش جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.