”ٻوڏ متاثرن جي مدد ته پري جي ڳالهه وزيراعظم همدردي جو بيان ئي نه ڏنو“

بدين (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام کي ان جو حق ڏئي نه ته اسلام آباد وڃي حق کسينداسين.

بدين ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ اڄ تائين وفاق طرفان هڪ رپيو نه آيو، وفاقي حڪومت هلندڙ سال اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ جا 200 ارب رپيا کائي وئي، اسان کي ڪو خاص پيڪيج يا خاص رويو نه پر پنهنجو حق گهرجي.

هن چيو ته سنڌ جو عوام ٻُڏي رهيو آهي، مدد گهرون ته چون ٿا انهن کي 3 سئو رپيا به نه ڏينداسين، توهان کي بدين جي عوام جو حق ڏيڻو پوندو نه ته اسان اسلام آباد جو رستو ڄاڻون ٿا ۽ اتي پهچي پنهنجو حق کسينداسين.

سندس چوڻ هو ته وفاق اڄ تائين سنڌ جي جائز مطالبن جو ڪو جواب نه ڏنو، مدد ته پري جي ڳالهه پر وزيراعظم جو هڪ همدردي جو بيان تائين نه آيو، عمران خان سنڌ جي عوام کي ائين ننڌڻڪو نٿو ڇڏي سگهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام ووٽ ڏئي نه ڏئي اهي ماڻهو اقتدار ۾ ايندا آهن ۽ اشارن ڏانهن ڏسندا آهن ته هاڻ ڇا ڪرڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.