ريتي : ٻيروٽا جي ريتي مائينر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

ريتي ڀرسان ٻيروٽا ۾ ريتي مائينر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن  پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،

مظاهرو ڪندڙن ربنواز شر، ستابو شر سچل شر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گھوٽڪي فيڊر ۾ پاڻي هئڻ باوجود ريتي مائنير ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪئي وئي آهي، انھن وڌيڪ چيو ته ايس ڊي او ۽ ريتي مائينر جو داروغو عبدالرشيد منگي پئسن عيوض پاڻي وڪرو ڪن پيا ۽ انهن  جو سوين ايڪڙ تي بيٺل ڦٽي جو فصل سڙي رهيو آهي ، هنن آبپاشي جي اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته پاڻي کي ٽيل تائين پھچايو وڃي

نوابشاهه جي علائقي محمدي ٽائون جي رھواسي علي نواز خاصخيلي پنھنجي چاچي نياز حسين، غلام حسين ۽ مسمات زيب النساء سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته منھنجي ماءُ مسمات سڪينه خاصخيلي 14 ڏينھن اڳ مائٽن ڏانهن وڃڻ جو چئي گھران نڪري وئي آھي جيڪا اڃان تائين واپس نه اچي سگهي آهي، ھن چيو ته اسان مائٽن وٽ به ڳولا ڪئي آهي ليڪن اڃان ڪوبه ڏس پتو نٿو ملي، ھن چيو ته اسان تمام گھڻا پريشان آھيون حد جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي ليڪن پوليس به اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي اسان کي شڪ آھي ته منھنجي ماءُ کي اغوا ڪيو ويو آھي، ھن ڊي آئي جي، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منھنجي ماءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.