حيدرآباد :مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ريلي

حيدرآباد جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، 15 ڏينهن کان مسلسل پاڻي بيٺل هجڻ ڪري علائقي ۾ بدبوء  ۽  مڇرن جي آزار ڪري بيمارين منهن ڪڍيو آهي . حيدرآباد جي عالم ٽائون، ملاح ڳوٺ، فاطمه جناح ڪالوني جا سوين  رهواسي عورتون ۽ ٻارڙا ۽ نوجوان سڀئي احتجاجن روڊن تي نڪري آيا.  رهواسين جو چوڻ هو ته ڊپٽي ڪمشنر جي حڪم تحت 2 مشينون پاڻي ڪڍڻ لاءِ لڳايون ويون هيون، پر پاڻي ڪڍڻ بدران اهي مشينون به هٽايون ويون ۽ پاڻي سندن گهرن ۾ بيٺل آهي، جنهن ڪري سندن لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته  2 ڏينهن اڳ برساتي پاڻي ۾ وهنجڻ دوران 10 ورهين جو نينگر ٻڏي فوت ٿي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪري سندن جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.