ڪوٽڙي: ٻولهاڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف رهواسين پاران احتجاجي ريلي

ڪوٽڙي جي ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙيء ۾ گذريل ٻن سالن کان پاڻيء جي سپلاءِ بند آهي جنهن سبب هزارين خاندان سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، خدا جي بستي ۽ ٻولهاڙي جي ٻين علائقن ۾ پاڻي جي سپلاءِ بند هجڻ خلاف پاڪ سرزمين پارٽيء پاران   احتجاج ڪيو ويو. ڪارڪنن خدا جي بستي ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي نه هجڻ خلاف ڊي سي آفيس آڏو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پاڪ سرزمين پارٽي جي اڳواڻن نعمت الله قريشي، رئيس راجا خان، حب علي مغيري ۽ ٻين چيو ته  خدا جي بستي جي عوام جو ٻن سالن کان پاڻي بند ڪيو ويو آهي ، علائقي جي هزارين خاندانن کي پيئڻ جي پاڻيء لاء تڙپايو پيو وڃي. هنن ڊي سي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي علائقي واسين جو پراڻو بنيادي مسئلو حل ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.