پيپلز پارٽي عوام کي ٺَلهن آسرن تي نه ٿي ڇڏي سگهي: بلاول ڀٽو زرداري

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده وفاقي حڪومت سنڌ خاص ڪري بدين جي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي ڪابه  واھر نه ڪئي آهي، عوام کي ٺلهن آسرن تي نٿو ڇڏي ، ڏک جي گھڙي ۾ بدين خاص ڪري ٽنڊوباگو جي برسات ۽ سم نالن جي متاثرن کي اڪيلو  نه ڇڏينداسين، ٽنڊوباگو شھر جي باگو واھ پل لڳ ڪوٺايل عام جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته  افسوس جو  ملڪ جو چونڊيل وزير اعظم ھڪ ڏينھن به بدين جي برسات متاثرن جي مدد ۽ واھر لاءِ نه پھتو نه  وري سندس ڪو وفاقي وزير ھتي آيو آھي

هن چيو ته  ٻن سالن ۾ نيازي سرڪار عوام کان ماني جو گرهه به کسي  ورتو آهي ملڪ ۾ مهانگائي جو ھڪ طوفان آيو آهي،سندس چوڻ هو ته اين سي ايف ايوارڊ مان به سنڌ کي حصو نٿو ڏنو وڃي ، اسان سنڌ جي عوام جي تقدير بدلائي ڇڏينداسين ، اسان جي ئي حڪومت ۾ بي نظير ڀٽو انڪم سپورٽ وارو ڪارڊ جاري ٿيو جنھن مان لکين غريب عورتون فائدو حاصل ڪن ٿيون جيڪو ڪارنامو آصف علي زرداري جو آھي. هن چيو ته اسان بدين جي ماڻھن کي ھن مشڪل گھڙي ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگھون انھن سان گڏ آھيون ، ان کان اڳ ۾ سنڌ جي وزير اعلي مراد علي شاھ خطاب ڪندي چيو ته چيئرمين بلاول  ھن ڏک جي گھڙي ۾ بدين جي عوام جي سار لھڻ لاءِ پھتو آھي ۽ انشاه الله بلاول جي قيادت ۾ عوام جا مسئلا حل ڪنداسين .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.