حيدرآباد هاءِ ڪورٽ جي وڪيل محب آزاد لغاري جي بازيابي لاءِ مظاهرو

حيدرآباد هاءِ ڪورٽ جي وڪيل محب آزاد لغاري جي بازيابي لاءِ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۽ سنڌ هيومن رائٽس ڊفينڊرس پاران سيشن ڪورٽ سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, ان موقعي تي وڪيلن ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻو، اصغر عظيم ملاح، غلام سرور بليدي، اياز راڄپر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته محب آزاد لغاري هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي جنهن کي بنا ڏوهه ٻڌائي کنڀي گم ڪرڻ غيرقانوني ۽ غير آئيني قدم آهي. وڪيلن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سميت اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ايڊوڪيٽ محب آزاد لغاري کي کنڀي گم ڪرڻ جو نوٽيس وٺي بازياب ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.