شادي لارج لڳ ڳوٺ ڪيٽي وٽان ڍوري پراڻ ۾ 4 ٻارڙا ٻڏي فوت،گهر ۾ ڪهرام

شادي لارج لڳ ڳوٺ ڪيٽي وٽان ڍوري پراڻ ۾ هڪ ئي خاندان جا چار گلڙن جهڙا ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا، واقعي بعد گهر ۾ ڪهرام علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو،  فوتي ٻارڙن ۾ ٻه ڀائر 10 سالن جو لالچند ڪولهي، 8 سالن جو ٽيڪم پٽ ڪرمشي، 8 سالن جي مهالو ڌي ڏانون ۽ 7 سالن جي ڪملي ڌي گامون ڪولهي شامل آهن،   واقعي وقت فوتي ٻارڙن جا والدين ٻني تي ڪم لاءِ ويل هئا گهر ۾ ڪو به ڀاتي موجود نه هو جنهن سبب هي هان ڏاريندڙ واقعو پيش آيو ،  چار ٻارڙا فوت ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ به  ڪو چونڊيل نمائندو يا سرڪاري عملدار متاثرن وٽ نه پهتو،چئن ٻارڙن جا لاش گهرن ۾ پهچندي ئي ڪهرام مچي ويو،  ماء پيء کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.