باهو کوسو ۾ نينگري کي پوليو ظاهر،صحت کاتي جي ٽيم پهچي وئي

باهو کوسو ۾ اڍائي سالن جي نينگري کي پوليو ظاهر ٿي پيو ، ڳوٺ دولت جکراڻي ۾ اڍائي سالن جي نينگري سميرا جکراڻي کي پوليو ظاهر ٿيو آهي،نينگري جون ٻانهون ۽ پير مڙي ويا آهن، پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ جي اطلاع تي صحت جون ٽيمون ڳوٺ دولت جکراڻي ۾  پهچي ويون، ٽيم ۾ يوسي ايم او ڊاڪٽر حبيب رحمان جکراڻي،  ڊاڪٽر بابو مل ڊسٽرڪٽ سرويلينس آفيسر, ڊاڪٽر نورحسن, ڊاڪٽر وقار ڏهر شامل هئا، ٽيم نينگري جا سيمپل ورتا .جڏنهن ته پوليو متاثر سميرا کان سواءِ  ٽن وڌيڪ ٻارن جا به سيمپل ورتا ويا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.