عوامي تحريڪ پاران سنڌ جي ورهاست ۽ وسيلن تي قبضن خلاف ريلي

عوامي تحريڪ سنڌ پاران سنڌ جي ورهاست، وسيلن تي قبضن ۽ ڪراچي ڪاميٽي خلاف بدين ۾ الله والا چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، احتجاجي ريلي مختلف روڊن تان ٿيندي, قاضيه واه پل تي پهتي جتي ڌرڻو هڻي بدين ڪراچي روڊ بند ڪيو ويو، ريلي کي خطاب ڪندي, وسند ٿري, بيگم زئنور, رام ڪولهي, مير شبير ۽ ٻين چيو ته ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ورهاست، وسيلن تي قبضا قبول نه ڪنداسين، ڪراچي سنڌ جو حصو آھي ڪراچي ڪاميٽي هڪ سازش آھي، سنڌ سان تعصب بند ڪيو وڃي سنڌ ڪنهن جي ڪالوني نه آھن سنڌ جا حق غضب ٿيڻ نه ڏينداسين,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.