گڊو بئراج وٽ پاڻي ۾ لاٿ ،وهڪرا 16ھزار ڪيوسڪ گهٽجي ويا

گڊو بئراج وٽ پاڻي ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي ، گڊو بيراج تي پاڻيء جي وھڪرن ۾ 16ھزار ڪيوسڪ لاٿ اچي وئي، سکر بيراج تي وچولي درجي جي ، گڊو بيراج تي وڏي ۽ ڪوٽڙي بيراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار  آهي ،  سکر بيراج تي تيز  وھڪرا پھچڻ بعد  پاڻيءَ جي سطح 5 لک ڪيوسڪ تي پھچي ويئي،  گڊو بيراج جو مٿاهون وهڪرو 5 لک 11 ھزار 428 ڪيوسڪ جڏهن ته ھيٺاھون وھڪرو  5 لک 82 ھزار  508 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو، سکر بيراج جو مٿانهون وھڪرو 5  لک 1ھزار  125ڪيوسڪ ۽ ھيٺاھون وھڪرو 4 لک 58 ھزار390ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو . ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جو مٿانهون وھڪرو 2 لک 13ھزار 178 ۽ ھيٺانھو وھڪرو 2 لک 6ھزار518ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.