پيرڳوٺ ڀرسان درياءَ ۾ ٻڏي فوت ٿيل ٻن ڀينرن جي جنازي نماز ادا

سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب پيرجوڳوٺ جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ موڙ جھٻر شيخ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب فوت ٿيل ٻن نياڻين ليلا ۽  سنڌوءءَ جي جنازي نماز ڳوٺ موڙ جھٻڙ شيخ ۾ ادا ڪئي وئي، جناري ۾ پيپلزپارٽي جي صوبائي اڳواڻ پير سيد حسين شاه جيلاني، فقير علي گل اڄڻ، سيد ديدار شاھ،  پيپلزهاري ڪاميٽي جي صدر دين محمد اڄڻ، ظھور علي ميتلو ،سياسي سماجي اڳواڻن سميت سوين برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي صوبائي اڳواڻ پير سيد حسين شاه جيلاني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افسوسناڪ واقعي تي هو وارثن سان ڏک جي هن گهڙي ۾ گڏ آهن ، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻيڙي واقعي جو نوٽيس ورتو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.