ٻن ٻارن جي ماءُ سان لڄالٽ جو هڪ ٻيو ڇرڪائيندڙ واقعو

تونسه شريف(ويب ڊيسڪ) ريتڙه ٿاڻي جي علائقي لاشاري پاڙي ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ سان مبينا اجتماعي زيادتي جو واقعو پيش آيو آهي.

گذريل ڏينهن موٽر وي تي گجرپوره واري علائقي ۾ عورت کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو ۽ سڄي ملڪ ۾ خبر جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي هئي، هاڻ ان واقعي جا زخم تازا ئي آهن ۽ ملتان ۾ هڪ ٻيو مبينا اجتماعي زيادتي جو واقعو پيش آيو آهي.

تونسه شريف ريتڙه جي علائقي لاشاري پاڙي جي رهواسي عورت بيان ڏنو آهي ته هن کي گذاريل رات اڻڄاتل ماڻهن زيادتي جو نشانو بڻايو، غريب هئڻ جي ڪري اسان جي فرياد نه پئي ٻڌي وڃي ۽ واقعي تي متاثر عورت جي وارثن طرفان احتجاج کان پوءِ ميڊيڪل ۽ ڪيس داخل ڪيو ويو.

ٻئي پاسي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار تونسه جي علائقي ۾ عورت سان مبينا زيادتي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او ڊيرا غازي خان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ جوابدارن کي جلد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته متاثر عورت کي هر صورت ۾ انصاف ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.