ڀارت ۽ چين جو سرحدي ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي اتفاق

 

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ چين سرحد تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ پنهنجي فوجن کي موجوده پوزيشن کان پوئتي هٽائڻ تي اتفاق ڪري ورتو.

ڀارتي ۽ چيني پرڏيهي وزيرن ماسڪو ۾ ملاقات کانپوءِ گذريل ڏينهن هڪ گڏيل پڌرائي جاري ڪئي.

بيان ۾ ٻڌايو ويو ته سرحدي علائقن جي موجوده صورتحال ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ناهي.

گذريل هفتي کان ٻنهي ملڪن هڪٻئي جي تڪراري سرحدي علائقي، لائن آف ايڪچوئل ڪنٽرول تي فوجي جهڙپن جا الزام هنيا هئا.

ڀارتي ۽ چيني پرڏيهي وزيرن ٻنهي پاسن جي سرحدي علائقن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي حوالي سان حتمي مدو مقرر ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.