پائليٽن جي لائسنس بابت جاچ رپورٽ منظر تي آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايوي ايشن ڊويزن پائليٽ لائسنس جاچ رپورٽ جلد منظر عام تي آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

پائليٽس لائسنس جي جاچ جو معاملو حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ ايوي ايشن ڊويزن جاچ رپورٽ جلد منظر تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان ايوي ايشن ڊويزن جاچ ٽيم کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آهي ته آئيٽا ڪمپني جي پاڪستان ۾ موجودگي کي نظر ۾ رکندي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ڪري ٽيم کي جاچ 15 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪرڻ جي ڊيڊ لائن ڏني وئي آهي، ۽ ٽيم پائليٽن خلاف انڪوائريز اُڪلائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، جاچ رپورٽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جا امڪان آهن.

ذريعن موجب شڪي لائسنس وارن پائليٽس جي پرسنل هيرنگ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، جاچ ۾ جعلسازي ۽ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ثابت ٿيڻ تي پائليٽس خلاف الڳ الڳ سزاون تجويز ڪرڻ تي غور آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.