عورت سان زيادتي، لاهور سيالڪوٽ موٽر وي تي سيڪيورٽي لاءِ پوليس مقرر

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) گجرپورا ڀرسان موٽر وي تي عورت سان زيادتي کانپوءِ پنجاب پوليس لاهور سيالڪوٽ موٽر وي جو سيڪيورٽي ڪنٽرول سنڀالي ورتو.

پنجاب پوليس جي سربراهه انعام غني موجب موٽر وي تي ايس پي يو ۽ پي ايڇ پي جا 250 اهلڪار مقرر هوندا، جيڪي پيٽرولنگ ۽ سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندا.

آءِ جي پنجاب جو چوڻ هو ته موٽر وي پوليس جي مقرري تائين پوليس موٽر وي تي سيڪيورٽي ڏيندي.

آءِ جي جي حڪمن کانپوءِ ايس پي يو ۽ پي ايڇ پي جي گڏيل ٽيمن لاهور سيالڪوٽ موٽر وي تي گشت شروع ڪري ڇڏيو آهي.

عورت سان زيادتي جي واقعي کانپوءِ موٽر وي پوليس جو موقف هو ته ايسٽرن باءِ پاس جو ڪنٽرول انهن وٽ ناهي.

ايسٽرن باءِ پاس کي هڪ سال اڳ آپريشنل ڪيو ويو هو، جيڪو ڪالا شاهه ڪاڪو موٽر وي انٽر چينج تائين وڃي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.