شگر اسڪينڊل جي جاچ لاءِ نيب جي گڏيل جاچ ٽيم جوڙي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب شگر سبسڊي اسڪينڊل جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي.

قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ رٿيو ويو، جنهن ۾ اجلاس ۾ شگر ڪميشن جي رپورٽ جو تفصيلي جائز وٺڻ کان سواءِ مبينا شگر سبسڊي اسڪينڊل جي غير جانبداراڻي، آزاداڻي، شفاف، ميرٽ ۽ قانون جي موجب جاچ لاءِ تجربيڪار آفيسرن تي ٻڌل گڏيل جاچ ٽيم (CIT) جوڙي وئي آهي.

گڏيل جاچ ٽيم 2 انويسٽي گيشنز آفيسرن، فنانشنل ايڪسپرٽ، ليگل ڪنلسٽنٽ، شگر انڊسٽري جي معاملن جي باري ۾ تجربو رکندڙ ايڪسپرٽ، فرانزڪ ايڪسپرٽ ۽ ڪيس آفيسر ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ لاڳاپيل ڊائريڪٽر شامل هوندا، جڏهن ته جاچ جي نگراني ڊي جي نيب راولپنڊي عرفان نعيم منگي ڪندو.

نيب چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين نيب، پراسيڪيوٽر جنرل اڪائونٽبليٽي ۽ ڊي جي آپريشنز گڏيل جاچ ٽيم جي رپورٽ جو نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ جائزو وٺندا، جڏهن ته گڏيل ٽيم جاچ کي شفاف، غيرجانبداراڻي ۽ ميرٽ تي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورن صوبن کان کنڊ سبسڊي بابت مڪمل تفصيل معلوم ڪرڻ کان سواءِ ايس اي سي پي بابت ڪمپنين جي مالي ۽ آڊٽ رپورٽس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان ڄاڻ حاصل ڪري معاملي جي تهه تائين پهچايا ويندا.

نيب چيئرمين چيو ته کنڊ سبسڊي جي جاچ انتهائي غيرجانبداراڻي، شفاف، ميرٽ ۽ پروفيشنل انداز ۾ مڪمل ڪئي وڃي ۽ جاچ ۾ سمورن لاڳاپيل ماڻهن ۽ کاتن کي پنهنجي صفائي جو پورو موقعو فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته غير قانوني طريقي سان کنڊ سبسڊي وصول ڪندڙ هر ان شخص جي خلاف قانون جي موجب ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي جنهن کي غير قانوني طريقي سان کنڊ ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.