سي سي پي او جو بيان متاثر عورت جي تذليل قرار، سينيٽ ڪميٽي طلب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽينڊنگ ڪميٽي لاهور موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ تڪراري بيان تي سي سي پي او کي طلب ڪري ورتو.

قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس رياض فتيانه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي موٽر وي تي زيادتي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي ان جي سخت مذمت ڪئي ۽ جوابدارن جي سزا جو مطالبو ڪيو.

ڪميٽي ڪميونيڪيشن سيڪريٽري، آءِ جي موٽر وي پوليس ۽ سي سي پي او لاهور کي ايندڙ طلب ۾ طلب ڪري ورتو.

ڪميٽي چيئرمين رياض فتيانه چيو ته اهو معاملو انتهائي شرمناڪ آهي، موٽر وي مارچ ۾ کولي ڇڏيو هو پر اڃا تائين پوليس مقرر ڇو ناهي ٿي.

هن چيو ته سي سي پي لاهور جيڪي ريمارڪس ڏنا، انهن تي سخت ردعمل آيو آهي، عمر شيخ ايندڙ اجلاس ۾ ڪميٽي کي وضاحت ڏئي.

محمود بشير ورڪ چيو مون کي شرم ٿو اچي ته معاشرو ڪٿي پهچي ويو آهي، معاشرو ڪيترو ڪِري پيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ سزا اها آهي ته جوابدارن جا هٿ وڍيا وڃن.

ڪميٽي چيئرمين هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت عورت ۽ ان جي ٻارن جي نفسياتي ڪونسلنگ ڪري، ملڪ ۾ ساڍا 7 سئو قانون آهن، اهو معاملو قانون سازي نه پر عمل جو آهي.

ڪشور زهرا چيو ته پوليس ۾ وڏن سڌارن جي ضرورت آهي، پوليس پنهنجا اختيار اورانگهي ٿي، جڏهن ته نفيسا شاهه چيو سي سي پي او جو بيان متاثر عورت جي تذليل آهي، کيس عهدي تان هٽايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.