سنڌ ۾ مينهن متاثرن لاءِ 70 ڪروڙ رپين جي گرانٽ منظور

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ مينهن کان متاثر علائقن ۾ امدادي ڪمن ۽ ريليف بابت قدمن لاءِ 70 ڪروڙ رپين جي گرانٽ منظور ڪري ورتي، گڏوگڏ ئي ڪراچي ۾ زبون حال عمارتن جي نشاندهي ڪري انهن کي خالي ڪرائڻ جا حڪم به جاري ڪيا ويا.

سي ايم هائوس ۾ مينهن مان متاثر ضلعن ۾ امدادي ڪارروائين جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو جنهن ۾ قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، ريليف ڪمشنر قاضي شاهد پرويز، پي ايس سي ايم ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر ڪراچي سهيل راجپوت، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي افتخار شالواڻي، ناڻي واري سيڪريٽري حسن نقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وڏي وزير اجلاس ۾ ٻڌايو ته هنن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان گڏ مينهن مان متاثر ضلعن جو دورو ڪيو جنهن ۾ڪراچي، ميرپوخاص، عمر ڪوٽ، ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ بدين شامل آهن ۽ اُتي عوام ڏکيائي جو شڪار آهي.

ريليف ورڪ لاءِ فنڊن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير ناڻي واري سيڪريٽري کي فوري طور تي 70 ڪروڙ رپيا صوبائي ڊيزاسٽر مينجمنٽ (پي ڊي ايم اي) ۽ ايس ايم بي آر کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت متاثر ماڻهن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر اِهو ڪافي ناهي، ٻهراڙي وارن علائقن جو عوام مال جي گاهه ۽ مڇر داڻين جو مطالبو ڪري رهيو آهي.

جنهن تي ايس ايم بي آر ٻڌايو ته هن جو کاتو ۽ پي ڊي ايم اي مينهن مان متاثر ماڻهن کي هر قسم جو ريليف فراهم ڪندا پر مال جي لاءِ گاهه ۽ دوائن جي فراهمي واري ذميواري لائيو اسٽاڪ کاتي جي آهي.

اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه ٻڌايو ته لائيو اسٽاڪ کاتي ملير، سرجاڻي ٽائون، بدين، عمر ڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ مال جي علاج لاءِ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته مال لاءِ گاهه به فراهم ڪيو ويندو.

وڏي وزير ٻڌايو ته هو متاثر ماڻهن جي مدد ۽ جلد بحالي لاءِ فنڊ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ هڪ منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.