مسلم ليگ ن جو سي سي پي او لاهور جي برطرفي جو مطالبو

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب لاهور جي ڀرسان گينگ ريپ جو شڪار ٿيل عورت بابت ريمارڪس تي لاهور ڪيپٽل سٽي پوليس افسر (سي سي پي او) عمر شيخ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جنهن معاشري جي مختلف طبقن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکيڙي ڇڏي هئي.

واضح رهي ته اڱاري ۽ اربع جي وچولي رات لاهور موٽر وي جي ڀرسان ٻن هٿياربندن هڪ عورت کي ان وقت گينگ ريپ جو نشانو بڻايو هو جڏهن هو گاڏي بند ٿيڻ تي اُتي مدد جي منتظر هئي.

ان معاملي تي پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته هڪ ڪلاڪ تائين اِهو بحث ٿيندو رهيو ته اِها وفاق جي حد آهي يا لاهور پوليس جي، سي سي پي او ان ڳالهه جي حيران ناهي ته هڪ عورت دانهيندي رهي پر ان کي تحفظ ڏيڻ وارو ڪير به اُتي پهچي نه سگهيو پر هو ان ڳالهه تي حيران آهي ته پاڪستان ۾ رات جو هڪ عورت ٻارن سان گڏ گاڏي ۾ پيٽرول چيڪ ڪرڻ کان سواءِ جي ٽي تي وڃڻ بدران موٽر وي تي ڇو چڙهي.

هن چيو ته  هي آهي اُها ذهنيت جيڪا ريپ متاثرن کي شرمندو ڪري رهي آهي.

ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته سي سي پي او لاهور جو بيان انهن ڏوهارين جو ساٿ ڏئي رهيو آهي ۽ جاچ تي اثرانداز ٿي رهيو آهي ۽ هي چئي رهيا آهن ته غلطي ان جي ماءُ جي آهي جنهن کي ريپ جو نشانو بڻايو ويو.

گڏوگڏ ئي هن چيو ته ان کان وڌيڪ اِهو ته سڄي رياست، حڪومت، وزير اعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير خاموش آهي. مسلم ليگ ن جي ترجمان جو چوڻ هو ته ان جي باوجود وفاقي وزير سي سي پي او جي بيان جو دفاع ڪري رهيا آهن جڏهن ته سڄي جو سڄي ڪابينا خاموش آهي ۽ سي سي پي او جي بيان جو دفاع ڪري رهيا آهن.

مريم اورنگزيب چيو ته ان بيان کان پوءِ سي سي پي او جو بيان آهي ته منهنجي بيان جو غلط مطلب ڪڍيو ويو، منهنجو مطلب اِهو هو ته عورت جي واقفيت فرانس ڪئي هئي، جيئن ته هن جو مڙس فرانس ۾ آهي ۽ هوءَ فرانس سمجهي اسلاميه جمهوريته پاڪستان ۾ رات جو پنهنجي ٻارن سان گڏ نڪتي ڇو ته فرانس ۾ قانون جي بالادستي آهي، اخلاقي قدر آهن، قانون جي حڪمراني آهي ۽ تحفظ ڏنو ويندو آهي.

هن چيو ته ان جو مطلب آهي ته اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ 11 ڪروڙ ماڻهن کي تحفظ حاصل ناهي، هو محفوظ ناهن پر فرانس ۾ عورتون محفوظ آهن، اُتي رياست جي رٽ ۽ قانون جي عملداري آهي پر ان جو مطلب آهي ته پاڪستان ۾ نه رياست جي رٽ آهي، نه امن امان آهي ۽ نه ئي سماجي ۽ اخلاقي قدر آهن.

هن موجب سي سي پي او جي بيان جو مطلب آهي ته پاڪستان ۾ عورتون 6 ٻارن سان گڏ به نه نڪرن ۽ جيڪڏهن هو نڪرنديون ۽ هنن جو ريپ ٿيو ته ان جون ذميوار هو پاڻ هونديون، ان جو مطلب رياست مفلوج آهي هو عورتن ۽ ملڪ جي شهرين کي حفاظت نٿي ڏئي سگهي، ان جو مطلبن آهي ته پنهنجي حفاظت پاڻ ڪيو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عمر شيخ جو بيان آئين جي آرٽيڪل 9 جي نفي ڪري ٿو جنهن جي موجب ڪو به شخص قانون جي زندگي يا آزادي کان محروم نه ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.