وارھ : ڦر جي واقعن ۽ پوليس جي بي حسي خلاف شھري اتحاد پاران احتجاج

وارھ ۾ 24 ڪلاڪن اندر 3 کان وڌيڪ ڦرن جي واقعن ۽  پوليس جي بي حسي خلاف شھري اتحاد پاران احتجاج ڪيو ويو ،  شهري اتحاد جي اڳواڻن مولوي محمد صديق مڱڻيجو. عنايت لاشاري. ايڊوڪيٽ اياز علي کهاوڙ ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي نعري بازي ڪئي  .ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته وارھ پوليس جي بي وسي ۽ نااهلي سبب  ڦورو سرگرم آهن ، 24 ڪلاڪن ۾ ڦر جون 3 کان وڌيڪ وارداتون  ٿي چڪيون آهن. هنن مطالبو ڪيو  ته ڦورن کي سوگهوڪري نااهل ايس ايڇ او واره کي هٽائي وارھ ۾ امن امان کي يقيني بڻايو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.