ڏهرڪي :قديمي قبرستان ڪوٽو شهيد جي چوطرف بااثرن پاران قبضو،فصل پوکي ڇڏيا

ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ لڪپور جي قديمي قبرستان ڪوٽو شهيد جي چوطرف بااثرن پاران زمينن تي قبضو ڪري فصل پوکڻ سبب  ڳوٺاڻن کي قبرستان ۾ فوتين کي دفنائڻ ۾ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ،اڄ فوت ٿيل ڳوٺاڻي  حاجن سولنگي جي ميت کي به وچ فصلن مان کڻي دفنايو ويو ، ان موقعي تي ڳوٺاڻن رمضان منگي، حقنواز منگي، ذوالفقار منگي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪوٽو شهيد قديمي قبرستان آهي جنهن جي چوطرف بااثرن زمين تي قبضو ڪري فصل پوکي ڇڏيو آهي ، قبرستان کي رستو نه هئڻ ڪري ميت کي هڪ ڪلو ميٽر فصلن مان گذاري قبرستان ۾ دفنائڻ تي مجبور آهيون ،هنن  ڊي سي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قبضن جو نوٽس وٺي قبرستان کي رستو ڏياري ڳوٺاڻن کي مشڪلاتن کان بچايو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.