صحافي عزيز ميمڻ قتل ڪيس ، 6 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد

نوشھروفيروز ڀرسان محرابپور جي شھيد صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي ،ڪيس ۾ ڪئمرامين سميت 6 ڇهن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ٿي وئي۔ جوابدارن ذوالفقار عرف بگو، فرحان عرف ڪارو، ارشاد، ظفر، امير عرف اميرو ۽ ڪئمرامين اويس پنهنجن وڪيلن معرفت سيشن ڪورٽ ۾ ضمانت واري درخواست ڏني هئي جنهن بعد عدالت اها درخواست ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏي هئي۔ اڄ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عبدالوحيد شيخ جي عدالت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.