کپرو: ٻوڏ متاثرن پاران راشن نه ملڻ خلاف ڌرڻو

کپري ۾ ٻوڏ متاثرن پاران سهوتون نه ملڻ خلاف کپرو ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو  هنيو ويو

کپري جي ڪي ڪي ڪاٽن فئڪٽري ۾ قائم ٽينٽ سٽي جي ٻوڌ متاثرن راشن نه ملڻ خلاف تارو ڀيل، کيمچند ڪولهي، ارجڻ اوڏ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کپرو ميرپورخاص روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون

ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلاول ڀٽو جي اچڻ ڪري اسان کي راشن بهاني ٽينٽ سٽي منتقل ڪيو ويو  پر بلاول جي وڃڻ کانپوءِ اسان کي راشن به نٿو ڏنو وڃي ۽ ٽينٽ سٽيءَ مان ٻاهر ڪڍي فئڪٽري جو دروازو بند ڪيا ويا آهن … ايس او ٽي

ان موقعي تي ايس ايڇ او کپرو وسيم ارباب متاثرن وٽ پهچي راشن وٺي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو جڏهن ته ايس ايڇ او جي خاطري بعد راشن نه ملڻ ڪري ٻوڏ متاثرن ڪي ڪي ڪاٽن فئڪٽري جو دروازو ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻوڏ متاثرن سان پوليس ۽ خانگي گارڊن سان چڪريون پڻ ٿيون ….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.