ڌاٻيجي: ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج

ڌاٻيجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳوٺن ۾ بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظهرو ڪيو ويو

ڳوٺاڻن ايس ٽي پي اڳواڻ الهبچايو ڪلمتي، بچل زنگياڻي، صالح ڪلمتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌاٻيجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دوست محمد زنگياڻي بلوچ ڳوٺ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو قائم آھي پر ڳوٺ ۾ ڪي به بنيادي سهولتون ميسر ناهن،

رهواسين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳوٺ ۾ پئيڻ جو صاف پاڻي، اسڪول، روڊ رستن سميت ڪابه بنيادي سهولت ناهي جڏھن ته گئس ڏيڊ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آھي جيڪا ڳوٺ کي نه ٿي ڏني وڃي … ايس او ٽي

ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته  فوري طور تي بنيادي سهولتون ڏئي عذاب واري زندگي گهارڻ کان بچايو وڃي ….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.