مانجھند: شهرين جو پل جي مرمت نه ٿيڻ خلاف احتجاج

مانجھند ويجھو پل جي مرمت نه ٿيڻ خلاف شهرين پارا احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاکا شھر ۾ آر بي او ڊي سم نالي مٿان  ٽٽل  پل جي مرمت نه ٿيڻ خلاف سوين شهرين ڪاروبار بند ڪري علي نواز ڪنڀر، محمد امين کوسو ۽ شھباز علي ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪري ٽٽل پل وٽ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي،

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پل ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو جنهن سبب پل کي کڏو پئجي ويو آھي جنهن سبب انڊس هاءِ وي کان لاکا ڏانهن ويندڙ لنڪ روڊ مڪمل بند ٿي ويو آھي

هنن چيو ته پل ٽٽل هجڻ ڪري 10 ڪلوميٽر ڪچو رستو  طئي ڪري شھر پهچڻو پوي ٿو جنهن سبب عوام کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن

احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏنو ته جلد پل جو مرمتي ڪم نه ڪيو ويو نه انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو ….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.