حيدرآباد ۾برسات متاثر ڳوٺاڻي جو سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ڊگهڙي جي ڳوٺ مير محمد جروار جي رهواسي هاري محمد عثمان جروار برساتن سبب ٿيل نقصان ۽ سرڪار پاران  سهائتا نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي چيو ته هو ڳوٺ جي مقامي زميندار جي ٻني آباد ڪري گهر جو گذرسفر ڪندو آهي، جڏهن ته زميندار جي زمين تي پڻ هڪ گهر ٺاهي گهرڀاتين لاءِ اجهو ٺاهي ويٺو آهي، تازو ٿيل برسات سبب سڄو فصل ٻڏي ويو، ٺهيل گهر ڊهي پٽ ٿيڻ سبب سندس گهرڀاتي کليل آسمان هيٺ اچي ويا آهن. هن چيو ته تر جي چونڊيل نمائندن توڙي سرڪاري آفيسرن سندس سار ناهي لڌي، جنهن سبب هو بکون ڪاٽڻ تي مجبور ويو آهي. هن ڊگهڙي جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي سانگهڙ جي ڊپٽي ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ته سندن سار لهي مدد ڪئي وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.