ڪوٽ غلام محمد ۾ ٻوڏ متاٿرن ۾ کاڌو ۽ سامان ورهايو ويو

ڪوٽ غلام محمد (ن ع آ)دعوت اسلامي ويلفئير ٽرسٽ پاران ڪوٽ غلام محمد شھر ۾ ۽ تعلقي جي مختلف ڳوٺن سڪرياڙي،  ڪاڇيلو فارم، لانڊي، جلالا آباد، بوديوال ۾ ٻوڏ متاثر ين ۾ پڪل کاڌو، منرل واٽر، ڪيش رقم ۽ ان کان علاوه جانورن لاءِ لوشن ۽ مڇردانيون پڻ تقسيم ڪيون ويون. ان موقعي تي دعوت اسلامي جي مرڪزي مجلس شوري جي رڪن حاجي فارق جيلاني قادري، نگران مرپورخاص زون حافظ زين عطاري، ڪوٽ غلام محمد جي مقامي رھنمائن جنيد عطاري، وقار عطاري، شھريار عطاري ۽ عبيد عطاري صحافين کي ٻڌايو ته ھي مشڪل اسان تي اسان جي اعمالن جي ڪري آئي آهي ھن وقت اسان کي وڌ کان وڌ استغفار ڪرڻ گھرجي ۽ الله پاڪ کان پنهنجي گناھن جي معافي گھرڻ گھرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.