دريا خان مري ۾برساتي پاڻي ڳوٺن ۾ڇڏڻ خلاف ٽنڊي الهيار ۾احتجاج

ٽنڊوالهيار  (ڊ ر) يوسي دريا خان مري ۾ بااثر زميندارن پاران پنهنجو فصل بچائي آس پاس جي ڳوٺن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن  جو پريس ڪلب ٽنڊوالهيار آڏو احتجاجي مظاهرو ان موقعي تي  ڳوٺ منو ٿيٻو . ڳوٺ نور محمد اوٺو . ڳوٺ منظور ٿيٻو . ڳوٺ دين محمد ٿيٻو جي رهواسين محمد يعقوب اوٺو . علي شير لنڊ . متارو ٿيٻو . راڻو ٿيٻو ۽ ٻين دانهيندي الزام هنيو ته برسات کان پوء علائقي جي بااثر زميندارن پنهنجا فصل بچائڻ لاء 4 ڳوٺن  کي بند ڏئي برساتي پاڻي ڇوڙ ڪري اسان کي ٻوڙيو آهي جنهن جي ڪري اسان جي گهرن ۾ پاڻي بيٺل آهي چوپايو مال مري رهيو آهي ۽ فصل تباه ٿي ويا آهن نن چيو ته سلطان آباد تي احتجاج ڪيو جتي ضلعي انتظاميه طرفان پاڻي نيڪال ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جيڪي علائقي مان پاڻي ڪڍڻ بجاء چڪر ڏئي روانا ٿيو وڃن اهڙي صورتحال ۾ زندگي عزاب بڻيل آهي عورتن ٻارن سميت معصور بڻيل آهيون هنن بلاول ڀٽو . وزيراعلي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته اسان جي علائقي مان پاڻي نيڪال ڪري اسان اجها بچايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.