پاپوليشن صحت کاتي ۾ضم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا) پاپوليشن کي صحت کاتي ۾ضم ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،  تفصيل موجب ان ڏس ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب، پاپوليشن ويلفئير کاتي حيدرآباد جي ملازمن آپڪا جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪالهه به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري اشرف بوزئي، اسلم ڀٽي، شبير ملاح  ۽ ٻين چيو ته پاپوليشن ويلفيئر کاتو 1965 کان ڪم ڪري رهيو آهي جنهن کي صحت کاتي سنڌ ۾ ضم ڪيو پيو وڃي جيڪي وڏي ناانصافي آهي، جڏهن ته ملازمن کي پڪو به نه ٿو ڪيو وڃي. سوشل ميل موبيلائيزر ورڪرن جون 6 مهينن جون پگهارون پڻ رهيل آهن. هنن چيو ته پاپوليشن کاتي ۾ سن ڪوٽا بحال ڪئي وڃي. هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ملازمن جا سمورا مسئلا حل ڪري انصاف ڪيو وڃي، پاپوليشن کي صحت کاتي ۾ ضم ڪرڻ خلاف ريلي آپڪا پاپوليشن کاتي خيرپور پاران پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۽ اين جي اوز ۾ ضم ڪرڻ واري عمل خلاف خيرپور آپڪا جي صدر محمد بخش بلوچ, منور گانگھرو,رياض سومرو, ممتاز علي چنو، رحمت الله ميمڻ, بھادر علي جاگيراڻي, الطاف ٽرڳڙ, دوست محمد, شاھد حسين, مالڪ ڏنو ڪٽوھر, محمد اسلم, نصرت چنو, غلام جعفر بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خيرپور ميرس ۾ احتجاج ڪيو ويو،.آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسي ايشن شھيد بينظير آباد پاران پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۽ اين جي اوز جي حوالي ڪرڻ واري عمل خلاف صوبائي صدر محمد دائود انڙ، محمد عمر خاصخيلي، فياص زرداري، الطاف شيرواني، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاپوليشن کاتي جون بھتر خدمتون آھن ليڪن ان کي اين جي اوز ۽ صحت کاتي ۾ شامل ڪري فنڊ ھڙپ ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، اپ گريڊيشن بحال ڪئي وڃي، ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، سوشل ميل موبلائيزرن کي 1 کان 11 ھون گريڊ ڏيڻ سميت ٻيا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.