ڪراچي کي هن حال تي پهچائيندڙ ڪير آهن؟

مسرور سيال

روشنين جو شهر ، امن جو شهر ، صنعتن جو شهر ، روزگار ، ڪاروبار جو شهر ، خوشحال زندگي جو شهر تعليم ۽ تعليمي ادارن جو شهر سنڌ جي گادي وارو شهر ڪنهن وقت ۾ وفاق جي گادي جو هنڌ رهندڙ شهر ، پاڪستان جو معاشي حب شهر ، ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ شهر ، ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر ، دنيا جي وڏن شهرن منجھان هڪ شهر سنڌ جي دل جي حيثيت رکندڙ شهر مورڙي جي ماڳ وارو شهر ، ڪولاچي ، ڪلاچي مان ڪراچي جو روپ وٺندڙ شهر ، ورهاڱي کان پوءِ مهاجرن کي پناھه ڏيندڙ شهر ، ملڪ جي ٻين صوبن کي روزگار ڏيندڙ شهر دنيا جي هر ملڪ جي باشندي کي رهائيندڙ شهر ، سنڌي ، پنجابي ، سرائيڪي ، بلوچي ، پشتو ، ڪشميري ، اردو سميت هر ٻولي ڳالهيندڙن جو شهر جنهن سڀن کي پنهنجي سيني ۾ جاءِ ڏني رهائش ڏني عزت ڏني ، روزگار ڏنو سڃاڻپ ڏني ، ترقي ڏني اُهو شهر ڪراچي آهي پر! سوال هي آهي ته ڪراچي کي هنن سڀني ڇا ڏنو ، ڇا ڏئي رهيا آهن ؟ هن مٿان سڀن حڪومت ڪئي آهي پر انهن هن جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي ؟ ڏسجي ته سڀن هن شهر سان ويساھ گھاتي ڪئي هن شهر کي ڏنڀ ڏنا آهن هن جي روشنين کي اونداهي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي امن کي تباھه ڪيو ويو آهي صنعتن کي برباد ڪيو ويو روزگار کسيا ويا ، خوشحالي ، تعليم ، تعليمي ادارا تباھه ڪيا ويا ۽ ڪرڻ وارا سڀ اُهي ئي آهن جن هن شهر تي سياست ڪئي ۽ حڪومت ڪئي .

ڪراچي جا اُهي ڏينهن به هئا جڏهن ڪو ڦٽاڪو ڦاٽي پوندو هو ته پوري انتظاميا ٿرٿلي ۾ اچي ويندي هئي ڪو ڏوھه ٿيندو هو ته رڻ ٻاري به ڏوهاري پڪڙيا ويندا هئا ، رات جو مارڪيٽون کليل  ۽ روڊ رستا ماڻهن جي اچ وڃ سان ٻهڪندا هئا ، برسات ۾ رهواسي خوشيءَ مان ٻاهر نڪري ايندا هئا ۽ تفريح ڪندا هئا ، برسات جو پاڻي  ختم ٿيڻ جي ڪجھه وقت اندر ئي روڊ رستن تان  بيٺل هٽي ويندو هو ! نه گند ڪچري تي ، نه برسات جي پاڻي تي  سايست ٿيندي هئي نه وري ڪا ڪراچي جي نالي تي سياست هئي . هاڻ به ساڳي ڪراچي آهي ساڳو ملڪ جو وڏو شهر آهي معاشي ، اقتصادي حب آهي اڃا به اڳ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر آهي اڳ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ شهر آهي پر ! اُهو ساڳو ڪراچي شهر ناهي . بدقسمتي سان هن شهر جن کي پناھه ڏني رهائش . روزگار ، عزت ، سڃاڻپ ڏني انهن هن سان وفا نه ڪئي . هي مورڙي جي هن ماڳ لاءِ مانگر مڇ ثابت ٿيا هنن جو جيترو پيٽ ڀريو ويو پوءِ به مانگر مڇ وارو وات ڦاڙي بيٺل آهن . هن شهر ۾ مذهبي ڌرين جو غلبو به رهيو ته سياسي ماڻهن جو اثر به رهيو پر! آمريت جي دور ۾ هن کي نسل پرستن جي حوالي ڪيو ويو جن نه رڳو هن مٿان حڪومت ڪئي پر هن کي پنهنجي ڪالوني طور هلايو ، فساد ، نفرت ، جھيڙا ، فائرنگ ، هڙتالون ڪيون ويون شهر جي امن واري پکي کي زخمي ڪري ڪنڊائتو ڪيو ويو خوف ، هراس جو راڄ قائم ڪيو ويو ڪراچي شهر خطرن سان ڀريل ۽ غير محفوظ شهر طور سڃاڻپ ورتي خاص ڪري هن کي هن جي وارثن سنڌين لاءِ نوگو ايريا بڻايو ويو مقتل گاھه بڻايوويو .

هن پوري صورتحال ۾ به سنڌ صبر کان ڪم ورتو هر حال ۾ کين سمجھڻ ۽ هدايت وٺڻ جي دعوت ڏيندي رهي پر سنڌ جي ويرين سمجھڻ ۽ هدايت کي به پنهنجي منافقي واري سياست جي ور چاڙهي ڇڏيو جن ڪراچي کي بارود جي ڍير تي بيهاري ڇڏيو ان ڍير تان به پاڻ بچائيندڙ ۽ ڏوهارين کي وائکو ڪندڙ هن سنڌ جي دل شهر وري به پنهنجي دل وڏي ڪري کين سنڀاليون پئي اچي ، ملڪ جي قانون ۽ هتان جي هر دور جي حڪمرانن وري به سندن ڏوهن کي پاسي تي رکي سياسي ڌارا ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا تنهن هوندي به منافقي واري سياست تان هٿ نه کنيو ويو ايتري تائين جو سندن باني ملڪ جو غدار به ڊڪلئير ڪيو ويو .

هن وقت ڪراچي ۾ ان گندي سياست ڪندڙن شهر جي گند ڪچري کان برساتي پاڻي تي سياست ڪري پنهنجن ڏوهن کي لڪائڻ ۽ پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ملڪ جا ادارا ڪراچي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ميدان تي آيا ته ملڪ جو وزيرِاعظم  عمران خان به ڪراچي ياترا تي پهتو 5 ڪلاڪ ۾ گڏجاڻي ڪري سنڌ جي وڏي وزير ۽ گورنر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري ڪراچي  لاءِ 1100 ارب روپين جي پيڪيج جو اعلان ڪري ويو جيڪو سڀاويڪ عمل  سمجھيو پئي ويو پر! اُها خوشي ٿورڙي وقت لاءِ هئي وفاقي حڪومت واري پارٽي پي ٽي آءِ هن کي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏنو ته وري سنڌ حڪومت پنهنجي ڪاميابي قرار ڏني ، حيرت اُن وقت ٿي جڏهن انگ اکر سامهون اچڻ لڳا ته وفاق هتي به پنهنجي اصليت کان ڪم ورتو هن پيڪيج ۾ 800 ارب روپيا سنڌ جا باقي 300 ارب رپيا وفاق جا هئا جيڪي به سنڌ جي رقم مان ڏنا پئي ويا جيڪا وفاق پاڻ وٽ رکيون ويٺي آهي  وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي بيان بازين مان هن پيڪيج ۾ به ڪراچي سان همدردي ڏيکاريندڙ سياسي ڌرين ۽ وفاقي وزيرن ۽ نمائندن جون نيتون به وائکيون ٿي ويون ان سان گڏ سندن اصل منصوبو به سامهون اچي ويو جنهن جو خدشو اڳ سنڌ ڪندي رهي آهي ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ پيڪيج جا غلط مطلب ظاهر ڪيا ويندا ۽ ٿيو به ائين !

نسل پرست سياسي ڌر جيڪا ٽڪڙن ۾ تقسيم ٿيل آهي ۽ هاڻ پي ٽي آءِ جي نسل پرست نمائندن جي سهاري تي ساڳي ٻولي ٻولي رهي آهي ته ڪراچي کي الڳ صوبو جوڙيو وڃي . ٽٽل ڦٽل ايم ڪيوايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي دشمني واري کل پائي ساڳيو سنڌ جي وحدت تي  وار ڪرڻ وارو بيان ڏنو آهي ۽ سنڌين کان نفرت واري سوچ ظاهر ڪئي آهي ته ڪراچي کي الڳ صوبو بڻايو وڃي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر نه بڻايو وڃي . هن ۾ ٻه ڳالهيون آهن هڪ ته ڪراچي مسئلي تي پاڪ فوج جي نگراني ٻيو بلديا فيڪٽري سانحي جي متوقع فيصلو آهي!  جيڪو عدالت محفوظ ڪري ڇڏيو ان کان اڳ ڪو ماحول جوڙڻ آهي ته جئين هنن جي اثرن کي ضايع ڪجي يا ناڪام ڪجي .

وفاق توڙي ملڪ جا سمورا حساس ادارا اِهو ڄاڻين ٿا ته ڪراچي جي هن حال جا اصل ذميوار ڪير آهن ، گٽرن ، نالن۾ پٿر وجھي انهن کي بند ڪندڙ ، روڊن کي ٽوڙيندڙ ، نالن مٿان قبضا ڪندڙ ، ڀتا وصول ڪندڙ ، ٽارچر سيل جوڙيندڙ ، رياستي ادارن سان وڙهندڙ ، فيڪٽرين کي ، عدالتن . وڪيلن جي چئمبرن کي ، ٽرانسپورٽ کي ماڻهن جي ملڪيتن ، مارڪيٽن ، گھرن کي باهيون ڏيندڙ ۽ ٻوري بند لاش ڦٽا ڪندڙ ڪير آهن ! تنهن ڪري هي ڪنهن به صورت ۾ حساس ادارن جي نگراني کي قبول نه ڪندا ظاهر ۾ حمايت جا اعلان ڪندا پر اندر ۾ ماحول جو رخ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ان ڪري خالد مقبول صديقي جو هي تازو سنڌ جي وحدت تي وار وارو بيان به ان جي ڪڙي آهي . هنن وٽ نسل پرستي ۽ سنڌ دشمني جا پتا آهن جيڪي پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش لاءِ استعمال ڪندا آهن ۽ ان سان عدالتي فيصلن توڙي حڪومتي انتظامن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ٽيون ته مڪاني ادارن جون چونڊون به متوقع آهن اهڙي صورت ۾ نسل پرستي ڏيکاري ووٽ وٺڻ جي ناڪام ڪوشش به ڪري رهيو آهي . ڏسجي ته سندن اِها ڪوشش هن دفعي ڪم جي نه رهندي کين نظر اچي رهيو آهي ته ايندڙ مئير سندن نه ٿيندو ان ڪري ته مهاجر نسل پرستي جو نعرو هڻندڙ ڪيترن ٽولن ۾ ورهايل آهن اِهو به امڪان موجود آهي ته ڪراچي جو ايندڙ مئير ڀل اردو ڳالهائيندڙ ئي هجي پر نسل پرست نه هوندو .

مڪاني چونڊون ويجھو ايندي ئي ڪراچي جي سياست  جو ماحول گرم ٿي ويندو ۽ ان گرمي ۾ ڪراچي جا پيدا ڪيل مسئلا ۽ ڪراچي پيڪيج کي شامل ڪيو ويندو ۽ شهرين کي هڪ دفعو وري نفرت واري ماحول ۾ آڻي ووٽ وٺڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي ۽ ان جي شروعات نسل پرست سوچ ، سنڌ جي وحدانيت تي حملي توڙي سنڌي ۽ سنڌي زبان سان نفرت واري پريس ڪانفرنس سان ڪئي وئي آهي ۽ اُها انهن ڪئي آهي جن ماضي جي روشنين، پرامن ، خوشحال  شهر جو حليو بگاڙي نفرت ، بارود ، گند ڪچري ۾ تبديل ڪري چڏيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.