وسيم اڪرم جهڙي سوئنگ ڪير به نٿو ڪري سگهي: ٽرينٽ بولٽ

 

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جي تعريف ڪندي چيو آهي ته ان جهڙي سوئنگ ڪير به نٿو ڪرائي سگهي.

انسٽاگرام تي هڪ سوال جو جواب ۾ ٽرينٽ بولٽ پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر وسيم اڪرم جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته منهنجا ڪيترائي پسنديده رانديگر آهن پر وسيم اڪرم جيان بال سوئنگ ڪير به نٿو ڪري سگهي، وسيم اڪرم جي بالنگ مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو.

واضح رهي ته اڳوڻي فاسٽ بالر وسيم اڪرم پاڪستان طرفان 104 ٽيسٽ ميچن ۾ 414 ۽ 356 ون ڊي ميچن ۾ 502 وڪيٽون حاصل ڪيون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.