سنڌ جي تعليمي ادارن کي ٽائم ٽيبل جوڙڻ لاءِ گائيڊ لائنز جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي سمورن ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن کي اسڪولن لاءِ هفتيوار ٽائم ٽيبل جوڙڻ لاءِ گائيڊ لائن جاري ڪري ڇڏي.

سنڌ جي تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل حڪمن موجب اسڪول صبح جي اسيمبلي کان شروع ڪيو ويندو جنهن جو وقت 20 منٽ رکيو وڃي، اسيمبلي ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت، دعا ۽ قومي ترانو شامل هوندو.

اسڪولن ۾ هڪ هفتي دوران ڪل 40 پيريڊ رکيا ويندا، سومر کان خميس ۽ ڇنڇر تي 4 پيريڊ بيڪ کان اڳ ۽ ٽي پيريڊ بريڪ کان پوءِ ورتا وڃن جڏهن ته جمعي تي ٽي پيريڊ وقفي کان اڳ ۽ ٻه پيريڊ وقفي کان پوءِ ورتا وڃن.

حڪمن موجب لنچ بريڪ جو وقت 30 منٽ رکيو وڃي جڏهن ته ڊبل شفٽ وارا اسڪول ۽ جمعي جي ڏينهن بريڪ جو وقت 20 منٽن کان گهٽ نه رکيو وڃي. انهن سمورين گائيڊ لائنز کي يقيني بڻائڻ لاءِ مانيٽرنگ ٽيمون اسڪولز جي وقت جو جائزو وٺي تعليم کاتي آگاهه ڪنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.