آمريڪا هزار کان وڌيڪ چيني شاگردن جون ويزائون رد ڪري ڇڏيون

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي حڪومت هڪ هزار کان وڌيڪ چيني شاگردن جون ويزائون رد ڪري ڇڏيون.

آمريڪي صدر مئي ۾ ڪجهه چيني شاگردن ۽ محققن جي آمريڪا ۾ داخلا محدود ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته بيجنگ حڪومت طرفان حساس آمريڪي ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ لاءِ چيني شاگردن کي استعمال ڪيو پيو وڃي.

آمريڪا اهو الزام به هنيو هو ته چين آمريڪي يونيورسٽين ۾ ڪووڊ 19 تي ٿيندڙ جاچ کي چورائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ چيني حڪومت طرفان جاسوسي جا واقعا وڌندا پيا وڃن.

واضح رهي ته چين اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.