ٻيهر ڪَر کڻندڙ پرتشدد قوم پرستي جي روڪٿام ضروري آهي: شاهه محمود

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو آهي ته دنيا ۽ خاص ڪري خطي ۾ ڪنهن به جاءِ تي فسطائي نظرين ۽ پرتشدد قوم پرستي  جي ٻيهر ڪر کڻڻ کي روڪڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب ماسڪو ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو هن چيو ته والاريل علائقن ۾ غير قانوني قبضي جي تحت ماڻهن جي خلاف رياستي دهشتگردي ڪندڙن جي مذمت ٿيڻ گهرجي ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي.

پرڏيهي وزير زور ڏنو ته پراڻي تڪرار جو حل ترقي، اقتصادي تيزي، غربت جي خاتمي ۽ ماڻهن جي سماجي بهتري جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي.

هن چيو ته ان پسمنظر ۾ اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن تي هن جي اصل روح موجب عملدرآمد جي اهميت تي ڀرپور زور ڏيون ٿا.

سندس چوڻ هو ته اسان کي ان ڳالهه جي خاطري ڪرڻ گهرجي ته شدت پسند ۽ نسل پرست نظرين اسلاموفوبيا سميت دنيا ۾ ڪا به جاءِ ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.