پهريون ڀيرو 3200 ميگا پڪسل ڊجيٽل تصوير ڪڍڻ ۾ ڪاميابي

ڊجيٽل ڪيمرا سان دنيا جي پهرين 35 سئون ميگا پڪسل تصوير ڪڍڻ جو رڪارڊ اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي نيشنل اڪسلريٽري ليبارٽري قائم ڪري ورتو.

چلي ۾ موجود ويرا سي روبن آبزرويٽري ۾ تمام وڏي ڊجيٽل ڪيمرا سينسر ايري جي مدد سان اها تصوير ڪڍي عالمي رڪارڊ قائم ڪيو ويو.

اها تصوير هن وقت تائين سڀ کان وڏي سنگل شاٽ تصوير آهي ۽ محققن موجب اها ايتري وڏي آهي جو هڪ تصوير کي پورو ڏسڻ لاءِ 378 فور ڪي الٽرا ايڇ ڊي ٽيليويزن جي ضرورت پوندي.

تصوير جي ريزولوشن ايتري سٺي آهي جو هڪ بال جيتري شيءِ کي به 15 ميل پري کان صاف ڏسي سگھجي ٿو.

اها تصوير ليگيسي سروي آف اسپس اينڊ ٽائيم (ايل ايس ايس ٽِي) نالي ڪيمرا کي ويرا سي وربن آبرزرويٽري ۾ لڳائي ڪيو ويندو جنهن سان خلا جي هاءِ ريزولوشن تصوير ڪڍي سگھبي.

يونيورسٽي طرفان جاري ڪيل بيان موجب ان تصوير کي ڪڍڻ تمام وڏي ڪاميابي آهي.

موبائل فون ڪميرا ۾ موجود اميجنگ سينسر جيان ايل ايس ايس ٽي ڪيمرا جي فوڪل پلين روشني خارج ڪري يا عڪس کي برقي سگنلن ۾ تبديل ڪري هڪ ڊجيٽل فوٽو تيار ڪندي آهي.

پر ايل ايس ايس ٽي جي اميجنگ ڪور گھڻي وڏو، وڌيڪ پيچيده ۽ ٻين ڊوائيسز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي.

اهو فوڪل پلين 2 فٽ ويڪري آهي ۽ ان ۾ 189 سينسرز يا سي سي ڊيز لڳل آهن.

سي سي ڊيز ۽ ان بااابت اليڪٽرونڪس 21 حصن ۾ موجود آهن ۽ هر حصي جي ماليت 30 ڊالر آهي.

پهريون تصويرون هڪ مهانگي ٽيسٽ جو حصو آهن جنهن جو مقصد فوڪل پلين کي آزمائڻ آهي جيڪا اڃا ايل ايس ايس ٽي ڪيمرا ۾ لڳل نه آهن.

ٻنهي کي ايندڙ مهيني گڏ ڪيوويندو جڏهن ته ڪيمرا جا لينسز ۽ ٻين اهم جزن کي به ڊوائيس جو حصو بڻايو ويندو.

بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيمرا آخري آزمائش لاءِ ايندڙ سال جي وچ تائين تيار ٿي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.