پيمرا ”جلن“ ڊرامي تي پابندي لڳائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) سماجي قدرن جي ابتڙ مواد نشر ڪرڻ تي ڊراما سيريلي جلن جي نشريات تي فور طور پابندي لڳائي ڇڏي.

ان حوالي سان پيمرا طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته خانگي چينل اي آر واءِ ڊجيٽل جي ڊرامي ۾ سماجي ۽ مذهبي قدرن جي ابتڙ مواد نشر ڪرڻ تي سخت عوامي رد عمل ۽ شڪاريون ملي رهيون هيون.

پريس رليز موجب چينل طرفان ڊرامي جي اسڪرپٽ ۾ گھڻي تبديلي نه ٿيڻ تي ڪارروائي ڪندي پيمرا آرڊيننس جي سيڪشن 27 تحت ڄاڻايل ڊرامو نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي.

پيمرا چيو ته ڊرامي جي مواد بابت چينل انتظاميا کي هر هر خبردار ڪيو ويو هو ته ڊرامي جي مود جو جائزو وٺن ۽ اسڪرپٽ کي پاڪستاني قدرن موجب بڻائين نه ته ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.