گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ڪيس ۾ عفلت تي 4 ڊي ايس پيز معطل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ڪيس ۾ جاچ ۾ لاپرواهي تي چئن ڊي ايس پيز کي معطل ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته سمجهه ۾ نٿو اچي جيڪي ماڻهو ڏوهن ۾ ملوث آهن، انهن کي گم ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش اچي ٿي، ڇا اسان جي حڪومت ايتري ڪمزور آهي؟

عدالت ريمارڪس ڏنا ته جاچ آفيسرن درست جاچ بدران شاهديون ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو پوليس آفيسر جاچ جو اهل ناهي، اهو اداري ۾ ڪيئن مقرر آ؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته پوليس آفيسر 15 ڏينهن ۾ گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪن.

ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهري سمير آفريدي جي ماءُ عدالتي ڪمري ۾ روئي روئي بيهوش ٿي وئي.

ان موقعي تي جسٽس نظر اڪبر چيو ته عورت جو پٽ بس تي ڪنڊيڪٽر هو پر پوليس بس مالڪ جو بيان تائين رڪارڊ نه ڪيو، اها دهشتگردي نه ته ٻيو ڇا آهي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.