سنڌ ۾ ٻارن جي اغوا ۽ زيادتي جي واقعن ۾ وڏي پئماني تي واڌ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ٻارن جي اغوا ۽ زيادتي جي واقعن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي وئي.

سنڌ ۾ ٻارن جي اغوا ۽ زيادتي بابت 8 مهينن جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب جنوري کان آگسٽ 2020 تائين سنڌ ۾ ٻارن سان زيادتي جا 93 واقعا پيش آيا.

رپورٽ موجب ٻارن سان زيادتي جا سڀ کان وڌيڪ 18 ڪيس خيرپور ۾ رپورٽ ٿيا، جڏهن ته هلندڙ سال صوبي ۾ ٻارن تي جنسي تشدد جا 36 واقعا ٿيا.

هلندڙ سال آگسٽ تائين سنڌ ۾ ٻارن جي گم ٿيڻ جا 782 واقعا رپورٽ ٿيا، ان جي ڀيٽ ۾ 2019 ۾ ٻارن جي گمشدگي جا رڳو 131 واقعا رپورٽ ٿيا هئا.

رپورٽ موجب ڪراچي ۾ ٻارن جي گمشدگي جا 661 واقعا ٿيا، جن مان 428 ٻار ملي ويا، 223 ٻار اڃا تائين بازياب ناهن ٿي سگهيا.

ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ ٻارن جي گمشدگي جا 140 ۽ زيادتي جا 6 واقعا پيش آيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.