مريد عباس قتل ڪيس: ضمانت خارج ٿيڻ تي جوابدار عدالت مان فرار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نجي ٽي وي جي اينڪر مريد عباس قتل ڪيس جو اهم جوابدار عادل زمان ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري مان فرار ٿي ويو.

مريد عباس قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار عاطف زمان جي ڀاءُ عادل زمان جي ڪجهه عرصو اڳ مقامي عدالت مان ضمانت تي رهائي ٿي هئي، جنهن خلاف مقتول جي ڌر طرفان عدالتي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ اڄ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ عادل زمان جي ضمانت جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

سپريم ڪورٽ مريد عباس قتل ڪيس ۾ جوابدار عادل زمان کي ضمانت تي رها ڪرڻ جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم نامو معطل ڪري ڇڏيو.

ضمانت تي رهائي جو حڪم نامو رد ٿيڻ تي عادل زمان سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري مان فرار ٿي ويو، جنهن کي ٻيهر گرفتار ڪري جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو.

سپريم ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدار جي ضمانت منظور ڪندي اهم شاهدين کي نظرانداز ڪيو، جوابدار خلاف 4 شاهد موجود آهن، جنهن سان ثابت ٿئي ٿو ته هو واردات واري هنڌ موجود هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.